اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ پا??ستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته پا??ستان ۾ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه گڏيل عرب امارتن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي چيئرمين احمد جاسم الزابي سان ملاقات ۾ ڪئي. احمد جاسم الزابي ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ابوظهبي، ڊيپارٽمنٽ آف اڪنامڪ ڊولپمنٽ جو چيئرمين به آهي. پا??ستان جي سفير احمد جاسم الزابي جي مقرري تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي اقدمن ۽ ابوظهبي چيمبر جي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. ملاقات دوران ڌرين گڏيل عرب امارات جي چيمبرز ۽ پا??ستان جي چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽري وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ ٻطرفي واپار لاءِ گڏيل ڪاروباري منصوبن جي شروعات تي ڳالهه ڪئي. پا??ستان جي سفير، احمد جاسم الزابي کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي طريقي ڪار ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ حڪومت طرفان فراهم ڪيل سهولتي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته پا??ستان ۾ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. سفير، ??ڏيل عرب امارات جي چيمبرز جي ڪاروباري وفد کي پا??ستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار ۾ اضافي، واپاري سهولتن جي فراهمي ڪاروباري لاڳاپن جي قيام، اور جي آءِ ٽيڪس ۽ ٽيڪسپور جهڙي واپاري نمائشن ۾ شرڪت تي به اتفاق ڪيو.
گڏيل عرب امارتن جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي: فيصل نياز ترمذي
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ