اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته عالمي اقتصادي مسئلن ۽ غير يقيني صورتحال جي مقابلي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر م??ڪن وچ ۾ يڪجهتي ضروري آهي،پاڪستان ايس سي او م??ڪن سان نون واپاري موقعن ۽ اقتصادي تعاون ڳولڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان انتهائي اهم جاگرافيائي اهميت رکندڙ آهي، ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀ?? جي واپاري ۽ سيڙپڪاري سرگرمين جي اسٽريٽجڪ مرڪز جي حيثيت رکي ٿو. اهڙو اظهار وفاقي وزير ايس سي او جي ميمبر م??ڪن جي اقتصادي معاملن ۽ واپار وارن وزيرن جي 23 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ڄام ڪمال خان اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اجلاس جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان ايس سي او جي ميمبر م??ڪن لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته اجلاس جو مقصد ايس سي او جي ميمبر م??ڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي ه??ي ڏيڻ آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته تازن سالن دوران پاڪستان ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول جي بهتري ۽ صنعتي ترقي کي ه??ي ڏيڻ سان گڏوگڏ واپاري سهولتن جي فراهمي لاءِ اهم سڌارا متعارف ڪرايا آهن. هن وقت اسان پنهنجي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ، ريگوليٽري فريم ورڪ جي بهتري ۽ واپار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ جامع حڪمت عملي تحت قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ايس سي او جو خطو دنيا جي تيز ترين ت??قي ڪندڙ معيشت تي ٻڌل آهي جتي دنيا جي آبادي جو هڪ وڏو حصو رهندڙ آهي. اهو خطو واپار ۽ اقتصادي حصيداري لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پنهنجن م??ڪن جي ترقي لاءِ واپا?? جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي اسان کي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته واپار نه رڳو معاشي ترقي جو سبب بڻجي ٿو پر اهو مختلف ملڪن، خطن ۽ عوام وچ ۾ ٻطرفي سهڪار، امن ۽ استحڪام به پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀ?? جي سنگم تي واقع پاڪستان انتهائي اهم جاگرافيائي حيثيت رکندڙ آهي جيڪو واپار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ قدرتي مرڪز آهي. هن چيو ته اسان ايس سي او ريجن جي گڏيل ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ميمبر م??ڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. شنگهائي سهڪار تنظيم جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايس سي او ميمبر م??ڪن سان قومي قانون ۽ پاليسين موجب واپار کي ه??ي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ايس سي او جي ميمبر م??ڪن جي گڏيل واپا?? جي گذريل سال جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي ه?? چيو ته ايس سي او جي ميمبر م??ڪن جو گڏيل آمدني واپار انهن جي مجموعي آمدني واپار جي 19 سيڪڙو جڏهن ته روانگي واپار مجموعي روانگي واپا?? جي 14 سيڪڙو جي برابر رهيو آهي. اهڙي طرح ايس سي او ميمبر م??ڪن جو مجموعي واپا?? جي تناسب ۾ ميمبر م??ڪن جي گڏيل واپار جو ڳاڻيٽو 16 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايس سي او جي ميمبر م??ڪن جي مستقبل جي حوالي سان ڳالهائيندي ه?? چيو ته اسان جو ويزن آهي ته ايس سي او ريجن جي گڏيل رابطن کي ه??ي ڏني وڃي ۽ انهن م??ڪن جي گڏيل واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ واپاري شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ميمبر م??ڪن وچ ۾ انهن جي قانونن ۽ پاليسي تحت جدت تي ٻڌل ڪاروباري ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته هن وقت عالمي سطح تي مختلف اقتصادي مسئلن ۽ غير يقيني صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ايس سي او ميمبر م??ڪن لاءِ ضروري آهي ته اهي انهن ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل يڪجهتي کي ه??ي ڏين.
پاڪستان ايس سي او ملڪن سان نون واپاري موقعن ۽ اقتصادي تعاون ڳولڻ جو خواهشمند آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável