اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو آهي، ته اسرائيل پنهنجي وحشي ڪارروائين جون سموريون حدون پا?? ڪري ويو آه??، اسڪولن جي ٻارن تي حملو کُليل اڳرائي آه??، اهڙي ريت جي ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، عا??مي برادري گڏيل قومن سميت اسرائي?? جي وحشيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف غزه فلسطين جي اسڪول تي اسرائي?? جي حملي جي شديد مذمت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندان سان تعزيت جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسرائيل پنهنجي وحشي ڪارروائين جون سموريون حدون پا?? ڪري ويو آهي. اسڪو?? جي ٻارن تي حملو کُليل اڳرائي آهي. اهڙي ريت جي ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. عا??مي برادري گڏيل قومن سميت اسرائي?? جي سفاڪيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ورجايون ٿا ته فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهن تي اسرائيلي قيادت ۽ سيڪيورٽي فورسز کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي. اسرائيل کي سندس ظالماڻين ڪارروائين جي سخت سزا ڏني وڃي. اسرائيل خلاف عا??مي انصاف واري عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو ته پاڪستان هر محاذ تي پنهنجي فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
اسڪولن جي ٻارن تي حملو اسرائيل جي کليل اڳرائي آهي، عالمي برادري اسرائيلي سفاڪيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa