اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) ??در مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ??در مملڪت آصف علي زرداري، ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب ۾ سول ايوارڊ عطا ڪندو. ??در مملڪت جي هدايت تي ايوان ??در ارشد نديم کي سول ايوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. ??در مملڪت آصف علي زرداري چيو ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگي سان راند جي ميدان ۾ قوم جو سر فخر کان بلند ڪيو. ايوان ??در طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد نديم جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي آهي. ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ نالو روشن ڪيو. ??در مملڪت ارشد نديم کي سول ايوارڊ آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت عطا ڪندو. آئين تحت ??در مملڪت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو.
صدر مملڪت آصف علي زرداري جي پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن