اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حس??ن سان پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزي?? چيو ته پاڪستان آمريڪا سان حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ريسرچ اينڊ انڊوومينٽ فنڊ ۾ زرعي يونيورسٽي لاءِ آمريڪا جي تعاون کي ساراهيون ٿا. آمريڪا سان زرعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، پيداوار وڌائڻ لاءِ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ضرورت آهي. راڻا تنوير حس??ن چيو ته پاڪستان ج?? نئين زرعي مصنوعات کي آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي، ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۾ سماجي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون جاري رکنداسين، پاڪستان ۾ يونيسيف سان گڏجي غذائي کوٽ پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون وڌايو ويندو، آمريڪا زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي من??ن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ج?? مدد ڪندو.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania