اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”فچ“ پاران پاڪست??ن جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته رياست جي خاطر سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪست??ن جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو اعتراف آهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مالياتي ٽيم جي محنت ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته رياست جي خاطر سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪست??ن جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو عالمي اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ??ن جا ثمر عوام تائين پ??چائي سک جو ساهه کڻنداسين، فچ ۽ ٻين عالمي ماليات?? ادارن جون رپورٽون پاڪست??ن جي معاشي بهتري جي حوالي س??ن اهم آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن جي معاشي بهتري جي رستي تي وڌيڪ محنت ۽ جذبي س??ن اڳتي وڌنداسين، اميد آهي آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام سان پاڪست??ن جي معاشي بهتري ۽ سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان پڻ معاشي بهتري جي هڪ ٻي جهلڪ آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي س??ن ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، ڪاروباري س??گرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
وزيراعظم پاران عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”فچ“ پاران پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز