اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي خصوصي اجلاس ۾ فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر طور تي ??سل??م ڪرڻ جي تاريخي مطالبي جي حم??يت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پر??س بريفنگ ۾ چيو ته قرارداد ۾ طئي ڪيو ويو ته فلسطين گڏيل قومن جي ميمبرشپ جي لاءِ اهل آهي ۽ سلامتي ڪائونسل کي ان معاميل تي بهتر طريقي سان غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن ۾ فلسطين جي داخلا تي پنهنجو اعتراض ختم ۽ انهن خ??طر??ن جي ساک بحال ڪري جيڪي ٻه رياستي حل جي حم??يت ۾ ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ان قرارداد جي منظوري فلسطيني عوام جي خلاف تاريخي ناانصافين جي ازالي طرف هڪ جزوي پر اهم قدم آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته اهو 4 جون 1967ع جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ امن عمل جي بحالي ۾ سهولت فراهم ڪندو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو.
پاڪستان فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر طور تي تسليم ڪرڻ جي تاريخي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا