اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان چين جي سف??ر جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران پرڏيهي وزير چيو ت?? پاڪ چين جي هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. پرڏيهي وزير ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائ?? جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي اڻٿڪ عزم جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي تصور موجب ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگ??ه جي فيز ٽو کي اڳتي وڌائ?? جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چين جي سف??ر جيانگ زيڊونگ چين پاران پاڪستان کي ڏني ويندڙ خصوصي اهميت ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي، صنعتي ۽ زرعي تعاون جي لاءِ ان جي ڀرپور حمايت تي زور ڏنو. هن پرڏيهي وزير سان سي پيڪ جي فيز ٽو جي اعليٰ معيار جي ترقي تي پڻ اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان چين جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز