اسلام آباد – 06 –جو??اء?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا پ??ڪس??ان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفارتخاني ۾ آمريڪا جي 247 هين قومي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ ان جي عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آمريڪا برابري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا جي 75 سالن وارن دوستاڻن لاڳاپن ۾ لاها چاڙها رهيا آهن پر هاڻي آ??ريڪا سان اسان جا تمام سٺا لاڳاپا آهن. آمريڪا اسان جو وڏو واپاري حصيدار آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا گڏجي ڪم ڪيو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 80 هزار پ??ڪس??انين پنهنجي جانين جي قرباني ڏني. وڏي پئماني تي مالي نقصان ٿيو پر ان جي باوجود دهشتگردي جي خلاف اسان جو عزم پختو آهي. هن چيو ته اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پ??ڪس??ان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن جي صلاحيتن مان انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته گذر??ل سال پ??ڪس??ان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي جنهن سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا. ان مشڪل وقت تي آ??ريڪا اسان جي وڏي مدد ڪئي. هن چيو ته ويجهي ماضي ۾ غلط فهمين جي ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپا متاثر ٿيا پر موجوده حڪومت جي سنجيده ڪوششن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بحال ڪيو ويو. هن يقين ڏياريو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اء?? ڪوششون جاري رکنداسين ۽ انهن لاڳاپن کي بلندين تائين وٺي وينداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا جو اعليٰ سطحي وفد جلد پ??ڪس??ان جو دورو ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پ??ڪس??ان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پ??ڪس??ان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان پ??ڪس??ان سان واپار سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.
آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ