اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي عيدالاضحيٰ جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي الله تعاليٰ سان اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جو شاندار مثال ۽ يادگار آهي جنهن اطاعت ۽ قر??اني جي هڪ اهڙي لازوال روايت قائم ڪئي جنهن جي پيروي قيامت تائين جاري رهندي، قر??اني جو اهو جذبو هڪ عالمي حيثيت رکندڙ آهي، دنيا ۾ ڪا به قوم ان وقت تائين ترقي نه ٿي ڪري سگهي جيستائين ان ۾ ايثار ۽ قر??اني جو جذبو موجود نه هجي. پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته اسان کي پنهنجي سمورن مفادن، ترجيحن ۽ تعصب کي پٺتي رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ گڏيل ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي سمورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪريون، هي ملڪ لازوال قر??انين ۽ بي پناهه صبر ۽ تحمل ۽ استحڪام جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اسان سڀني کي گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ جان ٿيڻ گهرجي. وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي چيو ته عيدالاضحيٰ جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي انهن ڀينرن ڀائرن جو پڻ خ??ص طور تي خيال رکڻ گهرجي جيڪي حالتن جي ڏاڍ جو شڪار ٿي معاشي طور تي پٺتي رهجي وي?? هجن، عيد جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي ڀرپاسي پڻ نظر رکڻي آهي ته جيئن اسان جو ڪو پاڙيسري ان مقدس موقعي جي خوشين کان محروم نه رهجي وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان کي ملڪ جي انهن معمارن، شهيدن ۽ محافظن کي پڻ ياد رکڻو آهي جن ملڪ جي حفاظت، تعمير ۽ ترقي ۽ سربلندي جهڙي عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جانين تائين قر??ان ڪري ڇڏيون. آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آهيان ته هو اسان کي عيدالاضحيٰ جون حقيقي خوشيون نصيب فرمائي ۽ اسان جي قر??اني کي شرف قبوليت بخشي ۽ اسان کي ان عظيم عبادت کي ان جي روح موجب سمجهي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي الله تعاليٰ سان اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جو شاندار مثال آهي: وقتي صدر صادق سنجراڻي
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ