اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پڄاڻي تي پهتي، ڪنوينشن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان ۾ بيلجيئم، ايران، ڪ??ني??، شام، جمهوريه ڪرغزستان، برطانيه، آمريڪا، اسڪاٽ لينڊ سميت ٻين ملڪن جا وفد شامل هئا. ڪنوينشن ۾ اندروني ملڪن مان پارليامينٽ جي ميمبرن، سياسي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، عورتن، اڪيڊميا، غير مسلم اڳواڻن شرڪت ڪئي، سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جو چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ پڻ شريڪ ٿيو. ڪنوينشن جي پهرين ڏينهن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي وزير ??ينيٽر اعظم نذير ??ارڙ، وفاقي وزير ??ينيٽر شيري رحمان، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ ۽ قمر زم??ن ڪائره خطاب ڪيو، ڪنوينشن جي ٻي ڏينهن واري پڄاڻي جي تقريب کي پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري خطاب ڪيو. ان موقعي تي پڌرائ?? پڻ جاري ڪئي وئي. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاه پڌرائي پيش ڪئي.
آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا