اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آ??ي، عالمي معاشي بحران سان پاڪس??ان?? عوام کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان ??سا??پور ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪ فضائيه جي اڪيڊمي ۾ اعليٰ معيار ۽ ڊسيپلين ڏسي خوشي ٿي آهي. پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس مستقبل جو اثاثو آ??ن، انهن ڪيڊٽس کي ڪاميابي، انهن جي مسلسل محنت ۽ اڻٿڪ عزم جي ڪري ملي آهي. پاڪ فضائيه ڪنهن به چئلينج ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو. پاڪ فضائيه سڄي دنيا ۾ بي مثال مهارت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه فيبروري 2019ع ۾ ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران قوم دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ شدت پسندي درپيش هئي. پاڪ فضائيه سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ان ناسور جو بهادري سان مقابلو ڪيو، سڄي قوم پاڪس??ان?? فوج جي پـٺيان بيٺل آهي، اميد آهي ته هٿياربند فوج سدائين قوم جي خواهشن تي پورو لهندي. هن چيو ته دنيا کي موسمياتي تبديلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. پاڪستان کي معاشي مسئلا درپيش آهن، معيشت کي صحيح راهه تي گامزن ڪرڻ ج?? لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ ميثاق معيشت چاهيون ٿا. عالمي معاشي بحران سان پاڪس??ان?? عوام کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين، جلد ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي وينديون، الله تعاليٰ ملڪ جي ترق?? لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي، جيتوڻيڪ اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي کليل خلاف ورزيون ڪري رهيو آ??ي. آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي کليل جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آ??ي. ڪشميرين جو پراڻو تڪرار ڪشميري عوام جي خواهش ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ڇو ته ان تڪرار کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. وزيراعظم چيو ته سڀني ملڪن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن سان ٻطرفن دوستاڻن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. خطي ۾ امن ج?? لاءِ پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪوششون جاري رکنداسين. هن چيو ته بهترين، منظم ۽ پيشيور پاڪ فضائيه جي سربراهي تي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ان موقعي تي وزيراعظم پاس ٿيندڙ ڪيڊٽس کي بيج لڳايا. هن گارڊ آف آرنر جو معائنو به ڪيو. تقريب ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی