اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي صلاحيت وڌائ?? ۽ ??يريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومتي ۽ نجي شعبي کي خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي شموليت جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۾ مالياتي خدمتن جي ڪردار جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نيشنل رورل سپورٽ پروگرا?? جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر راشد با??وه، اين او ڊبليو پي ڊي پي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمير احمد، نيوٽيڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خالد محمود، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اسلامڪ فنانس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر غلام محمد، ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري عامر محمود حسين، ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊاڪٽر مريم ملڪ ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ??در خصوصي ماڻهن جي صلاحيت وڌائ?? ۽ ??يريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهن کي انهن جي هنر موجب نوڪرين جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان جي 10 کان 14 سيڪڙو آبادي ڪنهن نه ڪنهن قس?? جي معذوري جو شڪار آهي، ان صورتحال ۾ حڪومتي ۽ نجي شعبي کي خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي شموليت جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. ??در چيو ته پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن کي مختلف جسماني ۽ مالي رڪاوٽون درپيش آهن، انهن کي مالياتي خدمتن تائين پهچ ۽ روزگار فراهم ڪري مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، معاشري کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ سهولت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ نيشنل رورل سپورٽ پروگرا?? جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر راشد با??وه خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي با??ختيار بڻائڻ جي لاءِ قدمن با??ت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام پاڪستان ۾ مائيڪرو فنانشل سروسز فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ادارو آهي جيڪو ڳوٺاڻن علائقن ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. نيشنل رورل سپورٽ پروگرام 72 ضلعن ۾ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بحالي جي لاءِ پڻ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام خصوصي ماڻهن کي مالي خدمتن، مصنوعي عضون ۽ بحالي جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. پروگرام تحت خصوصي ماڻهن ۾ قرضن جي ذريعي 150.5 ملين رپيا ورهايا ويا آهن، ان کانسواءِ 3346 خصوصي ماڻهن کي مائيڪرو هيلٿ انشورنس ڪوريج ۽ 14039 خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضوا فراهم ڪي?? ويا آهن. ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيوٽيڪ ڊاڪٽر خالد محمود اجلاس کي ٻڌايو ته نيوٽيڪ خصوصي ماڻهن کي مفت تربيت ۽ هنر فراهم ڪرڻ، مفت رهائش ۽ پڪ اينڊ ڊراپ جي سهولت فراهم ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ڊائريڪٽر اسلامڪ فنانس، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان غلام محمد ٻڌايو ته بئنڪن پاران جلد ئي خصوصي ماڻهن جي لاءِ انٽرن شپ پروگرام شروع ڪي?? ويندا. ??در خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ انهن کي با??ختيار بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.
خصوصي ماڻهن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی