اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعو?? بن عبدالرحمان بن فيصل الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قطر جي سفير قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ مختلف سرگرمين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قدرن تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن انهن مضبوط لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن يج گڏيل ??زم جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم 2022ع ۾ تاريخي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستاني عوام جي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تي قطر جا ٿورا مڃيا. قطري سفير ڀائراڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا م??يا ۽ ان سلسلي ۾ قطر پاران تعاون جي خاطري ڪرائي. واضح رهي ته قطر اٽڪل 250000 پاڪستانين جي ميزباني ڪري ٿو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن س??ڪل پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين س??لگرهه آهي. ٻئي ملڪ ان س??لگرهه کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ پر??زم آهن.
وزيراعظم سان قطر جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados