استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي توانائي جي شعبي خاص طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان حڪومت انهن کي ان ڏس ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو ا??ها?? استنبول ۾ ترڪيه جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن سان نويڪلائي ۾ ملاق??ت دوران ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ۾ پاڪ ي??تريم، انادولو گروپ، زورلو انرجي، البيرڪ ۽ گوريس هولڊنگز جي وفدن جي قيادت انهن ڪمپنين جي مالڪن ۽ سي اي اوز ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي معيشت جي ترقي ۾ ترڪيه جي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن ترڪيه جي واپارين کي پاڪستان حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ترڪ واپارين وزيراعظم جي ان قدم کي ساراهيو ۽ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردا?? جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
ترڪيه جا واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي توانائي جي شعبي خاص طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ