اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُون سيڪا سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت ??يرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي لڪائڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح جمهوريت جي آڙ وٺي رهيو آهي جيڪو ڪشمير جي دهشت سٽيل واديءَ بيلٽ بدران بلٽ جي ڀارتي پالي??ي جو واضح ثبوت آهي، عالمي برادري غيرقانوني قبضي ??يٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دنيا کي ظالماڻي نوعيت جي ڀارتي پاليسين کي تسليم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سربراهي اجلاس ۾ پنهنجي خطاب جي شروع ۾ مون پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ صحت ۽ خوراڪ جي چئلينجن جي حوالي سان آگاهه ڪيو جنهن جي لاءِ عالمي شموليت جي ضرورت ??هي. هن چيو ته انساني يڪجهتي ماحوليا??ي تبديلي جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.
مُون سيڪا سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي لڪائڻ لاءِ جمهوريت جي آڙ وٺي رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک