پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، والاريل ڪ??مير ۾ صدين کان جاري ڀارتي ??لم?? جي ڪري ڪشميري عوام تي هر لمحو ڀاري آهي پر 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪ??ي نه رڳو والاريل ڪ??مير جو بي رحماڻو استحصال ڪيو پر ??ظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اڄ خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ جي عوام 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي دنيا کي باور ڪرائي رهي آهي ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. مشتاق احمد غني جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن عالمي برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومت جو والاريل ڪ??مير جي خصوصي آئيني حيثيت تبديل ڪ??ڻ، بدترين ڪرفيو ۽ ڀارتي ف??ج جو گهيراءُ ڀارت جي مڪروهه ارادن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪو خطي جي امن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، عالمي برادري کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ڀارت والاريل ڪ??مير بابت گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميري عوام تي هر گذرندڙ ڏينهن سان ??لم?? ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي جيڪو عالمي انساني حقن جي ادارن جي لاءِ هڪ سخت امتحان ۽ فڪر جو لمحو به آهي.
اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين: خيبرپختونخواهه جو وقتي گورنر مشتاق احمد غني
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2