اسلام ??باد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪاب??نا تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي خوني لانگ مارچ ۽ سياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي ڪاهه ڪرڻ بابت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي ان تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته گهرو وزير رانا ??ناءُ الله خان چيو آهي ته رياست مخالف ڪو به لانگ مارچ ٿيو ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. وفاقي ڪاب??نا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪاب??نا عوام کي عمران خان جي 25 مئي جي لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميڊيا ۽ اطلاعات واري وزارت جي عوام لاءِ هٿياربند جٿن ۽ ان جي اصل چهرن جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ واکاڻ جوڳي آهي، وزيراعظم ڪاب??نا کي ٻڌايو ته هن گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي هئي ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هئڻ گهرجي، گهرو وزير رانا ??ناءُ الله اجلاس کي ٻڌايو ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هو، وفاقي ڪاب??نا قانون لاڳو ڪندڙ سڀني اهلڪارن کي پنهنجا فرض چڱي ريت نڀائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم گهرو وفاقي وزير رانا ??ناءُ الله، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره سميت 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، گهرو وزير اجلاس کي ٻڌايو ته رياست مخالف ڪابه لانگ مارچ ٿي ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. مولانا ??سعد محمود لانگ مارچ رد ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، وفاقي ڪاب??نا پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران 25 مئي جي خوني مارچ جي اعلان ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران هٿيارن سان اسلام ??باد تي حملي جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گهرو وزير رانا ??ناءُ الله لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي عوام ۽ لانگ مارچ دوران خدمتون سرانجام ڏيڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو ٿورو ادا ڪيو، رانا ??ناءُ الله ڪاب??نا کي ٻڌايو ته 25 مئي تي پي ٽي آءِ پاران لانگ مارچ ڪا سياسي سرگرمي نه هئي، پر رياست مخالف سوچيل سمجهيل سازش هئي، خيبرپختونخوا حڪومت جي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن پهريون ڪي پي هائوس ۾ هٿياربند جٿن کي گڏ ڪيو، گلگت بلتستان جي وڏي وزير به پوليس تي حملو ڪيو، رانا ??ناءُ الله چيو ته اها ڪا سياسي سرگرمي نه پر واضح طور تي رياست تي حملي جي ڪوشش هئي، وفاقي ڪاب??نا خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيان جو به نوٽيس ورتو ۽ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته هن ڀيري اسان پوري قوت سان رياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪنداسين.
وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيانن جو سخت نوٽيس ورتو، ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری