اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي مختلف علائقن کي ميٽرو بس سسٽم سان ڳنڍڻ جي لاءِ فزيبلٽي رپورٽ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت شهرين کي بهترين، باعزت، آسان ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽس سروس جي فراهمي تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته 5 سال گذري وڃڻ جي باوجود پشاور مو?? کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو جو منصوبو ??ڪم?? نه ٿي سگهيو. وزيراعظم چيو ته مون ان منصوبي ۾ دير جي جاچ ۽ ڪم کي جلد ??ڪم?? ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن عوامي ڀلائي جي ان منصوبي ۾ دير ۽ ان جي ڪري لاڳت ۾ اضافي کي بدقسمتي قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته عمران خ??ن جي حڪومت ۾ ملڪي معيشت جا سمورا شعبا جمود جو ش??ار رهيا.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔