اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته چورن جي ٽولي جو وڏي واڪي مطالبو هو ته ٻاهرين سازش جي حوالي سان خط پا??ليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جڏهن خط پا??ليامينٽ جي قومي ??لامتي ڪميٽي ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني ته مير صادق ۽ مير جعفر ڀڄي ويا، قومي ??لامتي ڪميٽي جي پڌرن??مي کانپوءِ انهن ماڻهن لاءِ شرم جو مقام آهي جيڪي پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ٿيندڙ ٻاهرين سازش کي ڪوڙ چئي رهيا هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جو مير صادق ۽ مير جعفر وارو ڪردار قوم جي سامهون اچي ويو آهي، مخالف ڌر خط کي پا??ليامينٽ ۾ آڻن واري مطالبي تي به قائم نه رهي ۽ ڪميٽي جي سامهون جڏهن معاملو پيش ڪيو ويو ته ا??ي ڀڄي ويا ۽ انهن جي اها سازش بي نقاب ٿي وئي، مملڪتي وزير چيو ته ان سرڪس مان صاف واضح ٿي ويو آهي ته اهي مليل آهن، هن چيو ته ٻاهرين سازش سان هارس ٽريڊنگ لاءِ 15 ارب روپيا اڇلايا ويا، هن چيو ته اسان به ائين ڪريون ها ته 172 کان به وڌيڪ ماڻهو اسان سان گڏ هجن ها. مملڪتي وزير ڪپتان ان ٻاهرين سازش جي خلاف ڄمي ??يٺل آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃان تائين پنج اوور باقي آهن، تمام جلد اهم فيصلا ٿيڻا آهن، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، قوم جو اعتماد وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهي.
خط تي بريفنگ جي دعوت تي مير صادق ۽ مير جعفر ڀڄي ويا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará