اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت هڪ پرتشدد پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان علائقائي امن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو ۽ بالادستي جي ارادن جي ڪري ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون جي تنظيم (سارڪ) کي فعال ٿيڻ نه ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر ۾ س??يل??ڪا جي بحريه جي ڪمانڊر وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن سان ملاقات ۾ صدر ڀا??تي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خ??اف ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ هڪ سنگين ڳڻتي جو سبب آهي ۽ بدقسمتي سان ڀا??تي حڪومت ان کي نظرانداز ڪري رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان س??يل??ڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ س??يل??ڪا سان گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ??ي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سياحت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو. س??يل??ڪن بحريه جي ڪمانڊر آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ س??يل??ڪا جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي تعاون ۽ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي وڏي صلاحيت آهي ڇو ته پاڪستان ۾ ٻڌمت جون ??يتريون ئي جايون آهن ۽ س??يل??ڪا جي ٻڌ ڀکشوئن کي مذهبي جاين جي سير جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. سيالڪوٽ واقعي جي مذمت ڪندي صدر س??يل??ڪا جي هڪ شهري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي خ??اف فوري ڪارروائي ڪئي. صدر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ گوادر پورٽ جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون ??ي وڌائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ اقتصادي خوشحالي جو سبب بڻجندا. وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن مشڪلاتن ۾ س??يل??ڪا جو ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن س??يل??ڪن شهري جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي خ??اف حڪومت پاران ڪيل ڪارروائي کي پڻ ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ??ي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو.
ڀارت هڪ پرتشدد پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان علائقائي امن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II