اسلام آباد – 15 في??رو??ي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ذريعي مح??سب جي اداري ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ انتظامي ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي مح??سب جي پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي مح??سب سيڪريٽريٽ جي دوري دوران اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر کي وفاقي مح??سب اعجاز احمد قريشي متاثر ماڻهن کي بنا معاوضي انصاف جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فوري انصاف جي فراهمي لاءِ قانونسازي جي مدد سان وفاقي مح??سب کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته بهتر طرز حڪمراني جي لاءِ ناانصافي ڪندڙ سرڪاري ادارن سان رابطا وڌائڻ سان گڏوگڏ وفاقي مح??سب جي خدمتن ۽ ڪردار بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وفاقي مح??سب جو ادارو متاثر ماڻهن کي مفت انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته اداري 2021ع ۾ 106732 شڪايتن کي اڪلايو جڏهن ته ان کي 110398 شڪايتون مليون، سال 2021ع ۾ 42 هزار کان وڌيڪ آن لائين شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي، 92.7 سيڪڙو کان وڌيڪ هدايتن تي عملدرآمد ڪيو ويو ۽ 1.85 ارب رپين جي معاملن ۾ انصاف فراهم ڪيو ويو. وفاقي مح??سب صدر کي ضلعي ۽ ذيلي سطح تي انصاف جي فراهمي لاءِ پهچ وڌائڻ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻ??اي?? ويو ته ڏورانهن علائقن جي ماڻهن جي سهولت لاءِ 14 علائقائي آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ عالمي هوائي اڏن تي ون ونڊو سهولتي ڊيسڪون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته وفاقي مح??سب سيڪريٽريٽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ صوبائي مح??سب کانسواءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ وفاقي مح??سب جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان، صدارتي سيڪريٽريٽ جي ڪنسلٽنٽ (قانوني معاملا) جسٽس (ر) سيد زاهد حسين ۽ وفاقي مح??سب جي سينيئر صلاحارن پڻ شرڪت ڪئي.
قانونسازي جي ذريعي محتسب جي اداري ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا