اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ موجود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي ر??ي آهي، پاڪستان آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي ش??بن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پيش ڪيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ رهندڙ ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، ايڊوانس انٽيلي جنس گروپ جي جيف شيف، ذڪر سمر ۽ عمير جاويد وڊيو لنڪ ذريعي جي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٽيڪ ڪمپنين جي لاءِ ايپ ڊيولپمينٽ، AI تي ٻڌل ڊيجيٽل شناختي حل، ڊيجيٽل ادائيگين، اي ڪامرس ۽ ڊيجيٽل مٽاسٽا جي ناڻي جي پليٽ فارم جي ش??بن ۾ ڪم ڪ??ڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته پاڪستان جو ٽيڪ ٽيلينٽ عالمي مارڪيٽ جي لاءِ ڪشش جو هڪ وڏو ذريعو ??هي. ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل اختيار ڪ??ڻ جي اهميت تي ر??شني وجهندي صدر چيو ته ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت ۽ بگ ڊيٽا سليوشنز کي استعمال ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڊيجيٽلائيزيشن ڊيٽا انٽيگريشن ۽ سائبر سيڪيورٽي تي ڌيان ڏئي ر??ي آهي ۽ ون ونڊو جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري ر??ي آهي. صدر اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ معاونت جي حڪومتي عزم کي پڻ ساراهيو.
پاڪستان وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ موجود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي رهي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha