بهاولپور – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته تنقيد جمهوريت جو حسن آهي پر صحافي ۽ تجزيه نگار توازن قائم رکن، ڪجهه عنصرن پاران نااهل قرار ڏني ويندڙ حڪومت دنيا جي معيشتن ۾ ٽئين پوزيشن تي ڪيئن آئي، گذريل حڪمرانن جا نالا ڪرپشن جي ڪري دنيا جي وڏن ميگزينن ۾ آيا، بي بي سي انهن جي ڪرپشن تي ٻه ڊاڪومينٽريز جاري ڪيون، هاڻي ورلڊ رڪارڊ ۾ لکيو ويندو ته شهباز شريف جي پٽ جي شگر مل جي نوڪر جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب روپيا آيا هُئا. مديني جي رياست جي سنهري اصولن جي پيروي ڪندي موجوده حڪومت قانون جي بالادستي رکندڙ فلاحي رياست جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ان ڏس ۾ معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ قومي صحت ڪارڊ ۽ احساس پروگرام انقلابي قدم آهن، قومي صحت ڪارڊ ??اري ڪرڻ فلاحي رياست طرف هڪ اهم قدم آهي جنهن سان صحت جي پوري نظام ۾ انقلاب ايندو، اها سهولت دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به حاصل نه آهي، ملڪ ۾ ڪرپشن جي خاتمي، قانون جي بالادستي ۽ فلاحي رياست جي قيام لاءِ پوري قوم کي اسان جو ساٿ ڏيڻو پوندو، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار قانون رکندڙ ملڪ وسيلن جي باوجود غريت ترين آهن، ??کڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو قيام موجوده حڪومت پاران ??کڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل واعدي جي تڪميل آهي. هو بهاولپور ڊويزن ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ??اري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار به خطاب ڪيو. وزي??اع??م ان موقعي تي بهاولپور ڊويزن جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ صحت ڪارڊ ورهائي پروگرام باقاعده شروع ڪيو، قومي صحت ڪارڊ ??يبرپختونخوا، پنجاب، اسلام آباد، ٿرپارڪر ضلعي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ٿي چڪو آهي، بهاولپور ڊويزن ۾ شامل ضلعن رحيم يار خان، بهاولپور ۽ بهاولنگر جي هڪ ڪروڙ 35 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي شموليت کانپوءِ پنجاب ۾ قومي صحت ڪارڊ مان فائدو کڻندڙ اهل گهراڻن ۽ ماڻهن جي تعداد ۾ 63 سيڪڙو اضافو ٿي ويندو. وزي??اع??م خطاب ڪندي چيو ته هن 18 سالن جي عمر ۾ برطانيه ۾ هڪ فلاحي رياست کي ڏٺو، قرارداد مقاصد ۾ پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست قرار ڏنو ويو تنهن هوندي به اسان هتي اسلامي فلاحي رياست نه ڏسي سگهياسين، برطانيه ۾ ضرور فلاحي رياست ڏٺي جتي اسپتا??ن ۾ انسانيت ڏٺي، اتي سرڪاري اسپتا??ن ۾ پئسا ڏئي ۽ مفت علاج ڪرائيندڙ ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو ڪوبه فرق نٿا رکن. هن چيو ته نبي اڪرم ﷺ سمورن انسانن لاءِ رحمت بڻجي آيو، سندس سنت تي جيڪو به هلندو اتي برڪت ايندي، برطانيه، ناروي سميت ٻيا ملڪ فلاحي رياستون آهن، مسلم دنيا ۾ ڪو هڪ ملڪ به اهڙو ناهي جيڪو حقيقي فلاحي رياست هجي، وزي??اع??م چيو ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ پئسو خرچ ٿيندو آهي، صحت جي شعبي ۾ سرڪاري اسپتال ٺاهيا وڃن، اتي ڊاڪٽر طبي عملو ڏنو وڃي، مفت دوائون ڏنيون وڃن، ان لاءِ وڏي سرمائي جي ضرورت آهي، برطانيه جو صحت جو بجيٽ پاڪستان جي مجموعي بجيٽ کان وڌيڪ آهي، وزي??اع??م چيو ته هن خيبرپختونخوا ۾ پهرئين حڪومتي دور ۾ صحت ڪارڊ ??و تجربو ڪيو، پاڪستان ۾ پهرين ڪڏهن به ائين نه سوچيو ويو هو ان لاءِ اسان کي ان منصوبي جي ڪاميابي جو خوف هو تنهن هوندي به ان منصوبي جي ڪاميابي کانپوءِ اسان سڄي ملڪ ۾ قومي صحت ڪارڊ ??و وڏو قدم کنيو، وزي??اع??م چيو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج نه آهي، ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهو هيلٿ انشورنس جا پئسا ڏيندا آهن، اسان پوري پاڪستان کي مفت اها سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ جتي جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي اتي قومي صحت ڪارڊ ??اري ڪيو پيو وڃي. وزي??اع??م چيو ته هر جاءِ تي سرڪاري اسپتال قئام ڪرڻ لاءِ اسان وٽ وسيلا نه آهن جڏهن ته آبادي ۾ اضافي جي ڪري به مالي مشڪلاتن سان انهن کي هلائڻ مشڪل آهي، قومي صحت ڪارڊ ??ان ٻهراڙي جي علائقن ۾ به نجي شعبي ۾ اسپتالون ٺهنديون، ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ سرڪاري اسپتا??ن ۾ ڊاڪٽر وڃڻ کان پاسو ڪندا آهن، اهڙن علائقن ۾ اسپتالن تي مريضن جو بار وڌيڪ هوندو آهي، هاڻي ڳوٺ جي سطح تي به اسپتالون ٺهنديون هتي جي ماڻهن وٽ به علاج لاءِ صحت ڪارڊ ??ي صورت ۾ پئسا ميسر هوندا، وزي??اع??م چيو ته ان مقابلي جو فضا سان هاڻي سرڪاري اسپتا??ن ۾ به ڊاڪٽرن کان پڇاڳاڇا ٿيندي، ان سان سڄي صحت جي شعبي ۾ انقلاب ايندو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب حڪومت صحت ڪارڊ ??ي 400 ارب روپيا خرچ ڪري رهي آهي، وزي??اع??م چيو ته ماضي ۾ اسان جي حڪمرانن کي کنگهه به ٿيندي هئي ته سڄو ٽولو علاج لاءِ ٻاهر ملڪ هليو ويندو هو، انهن کي ماڻهن جي مشڪلاتن جو اندازو نه هو، مون پنهنجي والده جي تڪليف ڏسي شوڪت خان اسپتال ٺاهي، وزي??اع??م چيو ته جنهن ٻار جي علاج لاءِ والدين وٽ پئسا نه هجن ان جو درد ان جي والدين کان پڇي سگهجي ٿو، هن چيو ته 100 سالا تاريخ ۾ ڪووڊ جهڙو بحران نه آيو جڏهن سڄي دنيا مهانگائي جو شڪار آهي، وڏيون وڏيون صنعتون متاثر آهن، اهڙي ۾ اسان محدود مالياتي وسيلن جي باوجود قومي صحت ڪارڊ ??اري ڪري رهيا آهيون، دنيا جي اڪانومي جي حوالي سان مڃيل ميگزين اڪانومسٽ ٽن سا??ن ۾ ڪووڊ جي دوران پاڪستان جي پاليسين کي دنيا جي ٽن وڏين معيشتن ۾ شمار ڪيو آهي، بلوم برگ 10 سالن لاءِ پاڪستان جي پائيدار معيشت جو تجزيو ڪيو آهي، ورلڊ بئنڪ معاشي واڌ 5.37 سيڪڙو هجڻ جي تصديق ڪئي آهي، هن چيو ته تنقيد جمهوريت جو حسن هوندي آهي، صحافي ۽ تجزيه نگار تنقيد ضرور ڪن پر ان ۾ توازن رکن، ڪجهه عنصرن پاران نااهل قرار ڏني ويندڙ حڪومت دنيا جي معيشتن ۾ ٽئين پوزيشن تي ڪيئن آئي؟ مسلم ليگ ن پنهنجي آخري سال رڪارڊ ??سارو ڇڏي ۽ قرض کڻي معاشي واڌ 5 سيڪڙو تائين پهچائي سگهي، اسان خسارو گهٽ رکي اهو هدف حاصل ڪيو، وزي??اع??م چيو ته ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان دنيا پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف ڪري ٿي، برطانيه جي وزي??اع??م گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي پاڪستان جي ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ڪردار کي ساراهيو، ان کانسواءِ احساس پروگرام کي به دنيا ساراهي رهي آهي، وزي??اع??م چيو ته گذريل حڪمرانن جا نالا به دنيا جي وڏن ميگزينن ۾ آيا آهن تنهن هوندي به انهن جي شهريت جو سبب ڪرپشن ۽ چوري هئي،بي بي سي انهن جي ڪرپشن تي ٻه ڊاڪومينٽريز جاري ڪيون، وزي??اع??م چيو ته هاڻي ورلڊ رڪارڊ ۾ لکيو ويندو ته شهباز شريف جي پٽ جي شگر مل جي نوڪر جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب روپيا ڪيئن اچي ويا، وزي??اع??م چيو ته اسان جو ملڪ سمورن وسيلن جي باوجود ترقي ڇو نه ڪري سگهيو، ان جو سبب اقتدار تي ڌاڙيلن جو قبضو هجڻ آهي. جيڪڏهن توهان ڪنهن فيڪٽري ۾ به ڌاريل ويهاري ڇڏيو ته اها تباهه ٿي ويندي آهي، جنهن ملڪن ۾ غربت وڌيڪ آهي اتي انهي طرح ڌاڙيل اقتدار تي قابض آهن، قومي وسيلن جي کوٽ جي ڪري غريب ناهن ٿيندا، سوئٽزرلينڊ وسيلا نه هجڻ جي باوجود سڀني کان وڌيڪ خوشحال ملڪ آهي جنهن جو سڀ کان وڏو سبب قانون جي بالادستي آهي، اتي ڪا چوري ڌاڙو نه آهي ۽ نه ڪو قبضا گروپ آهي، اتي ادارا مضبوط آهن، هن چيو ته هن ملڪ ۾ اسان جي جدوجهد قانون جي بالادستي ۽ فلاحي رياست ٺاهڻ لاءِ آهي، مديني جي رياست انهي ٻن اصولن تي ڪاربند رهي دنيا جي امامت ڪئي، پاڪستان کي به انهي اصولن تي بيهڻ گهرجي، اسان ان رستي تي هلي نڪتا آهيون، قومي صحت ڪارڊ، احساس پروگرام ان طرف اهم قدم آهي. وزي??اع??م چيو ته اسان جو مقابلو ڌاڙيلن جي ٽولي سان آهي، اهي چوري ڪن ته کين اين آر او ملي ويندو آهي، گلن جا هار پارايا ويندا آهن جڏهن ته معمولي ڏوهه تي ماڻهو جي??ن ۾ سڙندا رهندا آهن، اهڙي صورتحال ملڪن جي تباهي جو سبب بڻجندي آهي. وزي??اع??م چيو ته اهڙن بدعنوان عنصرن جي خلاف پوري قوم گڏجي وڙهندي آهي، ڪو اڪيلو انهن کي پهچي نٿو سگهي، وزي??اع??م چيو ته هن ملڪ جو اڳوڻو وزي??اع??م اربين روپين جي ٻاهرين ملڪ جائيداد جو جواب ڏيڻ بدران پنهنجي ٻارن کان پڇڻ جي ڳالهه ڪندو آهي جڏهن ان جي ٻارن جو موقف آهي ته هو پاڪستان جا شهري ئي نه آهن، هنن لنڊن ۾ مهانگي ترين جڳهه تي جائيدادون ٺاهيون آهن، وزي??اع??م چيو ته ??کڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو واعدو اسان ڪيو هو ۽ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ اهو واعدو پورو ڪنداسين، ??کڻ پنجاب جي ماڻهن سان ماضي ۾ ناانصافي ٿي، کين نوڪرين ۾ جائز حصو نه مليو، ??کڻ پنجاب کي جيترو بجيٽ ملڻ گهربو هو اهو نه مليو، هاڻي اها ناانصافي ختم ٿيندي، هو آئنده بهاولپور ۾ سيڪريٽريٽ جي افتتاح لاءِ ايندو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته مارچ جي آخر تائين ڪروڙين ماڻهن کي قومي صحت ڪارڊ ??ي سهولت ميسر ايندي، اهو مديني جي رياست طرف اهم قدم آهي ۽ هاڻي تحريڪ انصاف جي منشور جو اهم حصو آهي، ليه بهاولپور، بهاولنگر سميت مختلف ضلعن ۾ نيون اسپتالُون به ٺاهي رهيا آهيون، جڏهن ته سڄي پنجاب ۾ 23 نيُون اسپتالُون ٺاهڻ جو منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون، 158 طبي مرڪزن کي اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون. گذريل حڪومتن جيترو بجيٽ ??کڻ پنجاب کي ڏنو اسان ايترو پنهنجي حڪومتي دور ۾ 6 مهينن ۾ خرچ ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته قومي صحت ڪارڊ ??ڪومت طرفان هڪ انقلابي قدم آهي، جنهن جي ڪري 10 لک روپين تائين علاج سرڪاري ۽ چونڊيل پرائيويٽ اسپتا??ن ۾ مفت علاج جي سهولت ميسر هوندي.
تنقيد جمهوريت جو حسن آهي پر صحافي ۽ تجزيه نگار توازن قائم رکن، ڪجهه عنصرن پاران نااهل قرار ڏني ويندڙ حڪومت دنيا جي معيشتن ۾ ٽئين پوزيشن تي ڪيئن آئي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ