اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو وڃ?? ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جا پئسا ڪٿان آيا؟ مريم نواز جي اربين رپين جي جائيداد سامهون اچي چڪي آه??، ان جو جواب ڏين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انصار عباسي جي هڪ حيرت ??نگيز اسٽوري نظر مان گذري جنهن ۾ گلگت جو هڪ جج صاحب فرمائي ٿو ته جڏهن هو ثاقب نثار صاحب وٽ چانهه پيئڻ ويٺو ته جج صاحب فون تي هاءِ ڪورٽ جي جج کي چيو ته نواز شريف جي ضمانت اليڪشن کان اڳ ناهي وٺڻي، ڪهڙا ڪهڙا لطيفا هن م??ڪ ۾ نواز شريف کي مظلوم ثابت ڪرائڻ جي مهم هلائي رهيا آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اندازو لڳايو ته ڪنهن جج وٽ چانهه پيئڻ وڃو ۽ هو فون م??ائي ويٺل آه?? ته توهان جي سامهون ئي اهڙيون هدايتون جاري ڪر?? ته ڪنهن جوابدار جي ضمانت وٺڻي آه?? يا ناهي وٺڻي، جوابدار به ڪو عام ماڻهو نه ملڪ جو وزيراعظم. هن چيو ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو ته نواز شريف جيڪي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا ۽ جيڪي بعد ۾ مريم نواز جي ملڪيت ۾ ڏنا ويا، انهن جا پئسا ڪٿان آيا؟ چوڌري فواد حسين چيو ته مريم نواز اهو چيو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آه??، هاڻي اربين رپين جي جائيداد سامهون اچي چڪي اهي، ان جو جواب ڏيو.
بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو وڃي ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جا پئسا ڪٿان آيا؟: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم