ا??لا?? آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حليم عادل شيخ تي حملو بزدلاڻو فعل آهي، سنڌ حڪومت جي ڪرپشن کي ب?? نقاب ڪرڻ تي کيس انتقامي ??ار??واين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڳ ۾ ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو، هاڻي ان تي حملا ڪيا پيا وڃن جيڪو هڪ بزدلاڻو فعل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو راڳ آلاپيندڙ سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پوري سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي مشينري پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. اهڙي قسم ??ون سموريون بزدلاڻيون ??ار??وايون صوبائي حڪومت جي چوڻ تي ڪيون پيون وڃن جن جو مقصد پيپلزپارٽي جي ڪرپشن تي پڙدو وجهڻ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اڄ سنڌ جو انفراسٽرڪچر تباهه حال آهي جڏهن ته تعليمي ادارا چوپائي مال جا واڙا بڻجي چڪا آهن. حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو.
چوڌري فواد حسين پاران سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں