اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) مواصلا?? واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر ڪرپشن ۽ چوري ڪري پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ اثاثا ٺاهيا، پاناما دستاويز پاڪستان جي ڪنهن ميڊيا هائوس يا نيب جاري ناهن ڪيا، لنڊن جي ملڪيتن جي حوالي سان ب?? بي سي جي ڊاڪيومينٽري ٺهي، جڏهن ته ني??يارڪ ٽائيمز آرٽيڪل به لکيا، بهترين جمهوريت جي لاءِ ميڊيا جو هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ مخالف ڌر پاران پيش ڪي?? رٿن تي بحث ۾ حصو وٺندي ڪيو. وفاقي وزير مراد سعيد نئين سال جي آغاز کي سينيٽ جي سڀني ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته نيب جي حوالي سان نيب جو ترجمان ئي بهتر ڳالهائي سگهي ٿو، هن ميڊيا ۽ اينڪرز جي حوالي سان بيانن جي مذمت ڪندي چيو ته ميڊيا ۽ صحافين کي جنهن اندا?? سان مخاطب ڪيو ويو ۽ پوري صحافي برادري کي تڪراري بڻايو ويو اها غير مناسب ڳالهه آهي، هن چيو ته ماضي ۾ نيب سميت پارليامينٽ، ايس اي سي پي، ايف بي آر، ۽ قومي اسيمبلي کي پنهنجي مرضي جي ماڻهن جي خلاف ۽ پنهنجي ڪرپشن جي دفاع لاءِ استعمال ڪيو ويو.
مخالف ڌر ڪرپشن ۽ چوري ڪري پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ اثاثا ٺاهيا: مراد سعيد
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی