اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي بهترين اسلوب حڪمراني جي فراهمي کي حڪومت جو اولين فرض قرار ڏيندي چيو آهي ته پنجاب ۾ ??خت??ارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي، وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ۽ هر علائقي کي ترقي جي بنا ڪنهن فرق جي موقعن جي فراهمي وارو نئون بلدياتي نظام هڪ انقلابي قدم آهي، نئين بلدياتي نظام سان فنڊن جي فراهمي، فيصلاسازي ۽ سهولتن جي دستيابي مقامي سطح تي ممڪن ٿيندي، فرسوده نظام مان فائدو کڻندڙ مفاد پرست عنصر نظام جي تبديلي جي خلاف مزاحمت ڪندا آهن پر انهن کي شڪ??ت ڏئي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حقيقي طور تي ??خت??ار هيٺئين سطح تي منتقل ڪري رهيا آه??ون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپخت??نخ??اهه جي وڏي وزير محمود خان سان گڏ وزيراعظم آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی