اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 50 لک گهرن جي تعمير جي منصوبي جو ايندڙ مهيني باقاعده آغاز ڪندو، منصوبي جي آغاز سان گڏ ئي رجسٽريشن جو عمل به شروع ڪيو ويندو، ان ڳالهه جو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٽاسڪ فورس براءِ هائوسنگ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ پنجاب جي هائوسنگ وارو وزير م??ان محمود الرشيد، اسيمبلي ميمبر نجيب هارون، ڪواٽر ماسٽر جنرل ??يفٽيننٽ جنرل ??عظم اعجاز، ڊائريڪٽر جنرل آرمي لينڊ ميجر جنرل ??ويد صفدر، سيڪريٽري هائوسنگ ڊاڪٽر عمران زيب خان، ارشد داد، يعقوب طاهر اظهار، علي ظفر، ضيغم محمود رضوي، اخوت فائونڊيشن جي سليم رانجها ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي ٽاسڪ فورس 50 لک گهرن جي تعمير بابت هيستائين جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری