اسل??م آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ترڪمانستان جي وزارتي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف خيرسگالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل رابطن سميت رابطاڪاري جي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن وزيراعظم کي ترڪمانستان جي صدر پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – انڊيا (تاپي) گئس ??ائ??پ لائين پراجيڪٽ سميت تو??نا??ي جي ٻين منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏ??ي. ??زيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪمانستان سان تو??نا??ي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان پاران دلچسپي جي اظهار کي ورجايو ۽ تاپي منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال