اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نوا?? شريف جي خواهش هئي ته چيمپيئنز ٽرافي کٽيندڙ ٽيم جڏهن واپس وطن اچي ته ان جو شاندار طريقي سان استقبال ڪيو وڃي. هي تقريب ان سلسلي ۾ منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏوگڏ پراڻي رانديگرن ک?? پڻ گهرايو ويو. ان موقعي تي ??رڪيٽ ٽيم جي پوري مئنيجمينٽ سان گڏوگڏ رانديگرن جي گهر جا ڀات?? پڻ موجود هئا، هي والدين جي لاءِ وڏي فخر جو ڏينهن هوندو آهي ڇو ته والدين سڄي زندگي محنت ڪري ۽ قربانيون ڏئي ??نه??جي ٻارن کي ڪنهن مقام تي ??سڻ جا خواهشمند هوندا آهن. هن تقريب ۾ رانديگرن جي والدين ۽ پوري ڪرڪيٽ ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نوا?? شريف جي اها خواهش به هئي ته هي ان جو ??نه??جو فنڪشن هجي ۽ مون پاڻ به اهو ئي چاهيو پئي.
وزيراعظم جي خواهش هئي ته ڪرڪيٽ ٽيم جو شاندار استقبال ڪيو وڃي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن