اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته اطلاعات تائين پهچ جو قانون ايترو ئي ضروري آهي جيترو ووٽ جي حق ذريعي حڪومت جي چونڊ ڪرڻ آهي، اطلاعات تائين پهچ جي بل جو مسودو منظوري جي لاءِ جل?? ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، خي??رپختونخواهه ۾ بدعنوانين جي ڪهاڻين سان پي ٽي آءِ جي نيڪ نامي ۾ ڪو اضافو ناهي ٿيو، عمران خان جنهن شيءَ جي لاءِ ٻين کي ليڪچر ڏي ٿو ان کي پهرين پاڻ عملي جامعو پارائي. نيشنل پريس ڪلب ۾ سي آر ٽي آءِ رائٽ ٽو ??نفارميشن چيمپيئنز ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اطلاعات تائين پهچ جي بل جو مسودو منظوري جي لاءِ جل?? پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي وزير خي??رپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان کي چيو ته هو پنهنجي صوبي جي مظلوم عورت عذرا آفريدي کي انصاف ڏياري.
اطلاعات تائين پهچ جو قانون ضروري آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر