واشنگٽن-01 جنوري (اي پي پي)آمريڪا هلندڙ سال چونڊن کان اڳ غلط معلومات ذريعي آمريڪي ووٽرز کي نشانو بنائڻ جي الزام تي ايران ۽ روس جي ٻن ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي واري کاتي جي عملدارن پابندين جو اعلان ڪندي الزام لاڳو ڪيو ته ٻنهي ادارن نومبر کان چونڊن کان اڳ آمريڪي ووٽرن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آمريڪي ڳجهن ادارن ٻنهي حڪومتن تي اهو الزام لڳايو ته هو جعلي ڊويزن، خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽن ذريعي غلط معلومات پکيڙي رهيون آهن، اهي ووٽرن تي اثر اند??ز ٿيڻ ۽ آمريڪي چونڊن ۾ اعتماد کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڊزائين ڪيون ويون هيون. عملدارن چيو ته روس ۾ موجوده روس جو ادارو سينٽر فار جيو پوليٽيڪل ايڪسپرٽيز آمريڪي اميدوار?? جي باري ۾ غلط معلومات پکيڙي ۽ مالي مدد ڪئي، ان ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪندي ٺاهيل ڊيپ فيڪ وڊيوز به شا??ل هيون. روس ۽ ايرا?? جي اختيارين انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو ته هنن 2024ع جي چونڊ?? جي نتيجن تي اثر اندز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
آمريڪا پاران چونڊن ۾ غلط معلومات پکيڙڻ جي الزام سبب ايران ۽ روس جي ادارن تي پابنديون لاڳو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو