رياض _ 4 سيپٽمبر (اي پي پي )سعودي عرب اسرائيل جي الزامن خلاف مصر جو ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري ??وجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فلاڊيلفيا ڪو??يڊور جي حوالي سان اسرائيل جي بيانن تي شديد تنقيد ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي. سعودي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو ته اسرائيل طرفان جيڪو ڪجهه چيو ويو آهي اهو عالمي قانونن ۽ اصولن جي جاري اسرائيلي خلاف ورزين کي جواز فراهم ڪرڻ جي فضول ڪو??شن کانسواءِ ڪجهه ناهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم جي الزامن جي جواب ۾ اسان مصر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مصر جي حڪومت سان گڏ ??هيون. سعودي عرب چڙ ڏياريندڙ بيانن جي نتيجي ۾ مصر ، قطر ۽ آمريڪا طرفان غزه ۾ مستقل جنگ بندي لاءِ ڪيل ٽياڪڙي جي ڪو??شن کي نقصان پهچائڻ لاءِ ان جي خطري کان پڻ خبردار ڪيو. سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته اسرائيلي دعوى خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ کي وڌا??ي رهي آهي. پرڏيهي وزارت فلسطيني عوام جي مصيبتن جي خاتمي جي اهميت، 1967ع جي سرحدن تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام ۽ اوڀر بيت المقدس کي ان جي گادي وارو هنڌ بڻائڻ جي عالمي سطح تي ڪو??شون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو.
اسرائيل جي وزيراعظم جي الزامن خلاف مصر جو ساٿ ڏيڻ لاءِ گڏ آهيون: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ