بيروت – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي جنگي جهازن ??کڻ لبنان تي وڏي پيمان?? تي شديد حملا ڪيا آهن، اهي حملا ان وقت شروع ٿيا جڏهن حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله پنهنجي خطاب ۾ لبنان ۾ اليڪٽرانڪ مادن جي ڌماڪن ۾ درجنين فوتگين ۽ هزارين ماڻهن جي ز??مي ٿيڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري رهيو هو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسرائيل جي فضائي حملن ۾ ??کڻ لبنان ۾ حزب الله جي راڪيٽ لانچرز، هٿيارن جي ذخيرن ۽ ٻين ٺڪاڻن سميت هڪ سو کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي. اهي حملا ٻن ڪلاڪن تائي?? جاري رهيا جيڪي گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ شديد ترين هئا. انهن حملن سبب نقصانن جو فوري طور تي ڪو اطلاع ناهي مليو. لبنان جي سرڪاري خابرو اداري چيو آهي ته اسرائيل خميس جي شام ملڪ جي ??کڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 52 حملا ڪيا ۽ لبنان اتر اسرائيل ۾ فوجي ٺڪاڻن تي به حملا ڪيا آهن.
اسرائيلي جنگي جهازن پاران ڏکڻ لبنان تي شديد حملا
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون