رياض – 2 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي تعليم واري وزارت مملڪت جي مختلف شهرن ۾ ڪنڊر گارٽن ۽ نرسري لاءِ ضابطن جو اعلان ڪ??و آهي . اردو نيوز موجب مقرر ڪيل ضابطن تي عمل ڪندڙن کي ان شعبي جو لائسنس جاري ڪيو ويندو. وزارت تعليم جو چوڻ آهي ته ڪنڊر گارٽن ۽ ٻارن جي نرسري جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪ??دڙ پنهنجو منصوبو وزارت کي پيش ڪن جنهن جي بنياد تي انهن کي لائسنس جاري ڪيو ويندو. وزارت پاران جاري شرط ۾ چيو ويو آهي ته جنهن به شعبي لاءِ لائسنس جاري ڪيو ويندو ان کانسواءِ ٻي سرگرمي جي اجازت نه هوندي . جيڪڏهن لائسنس نرسري لاءِ حاصل ڪيو ويو آهي ته اتي ٻيا تعليمي مرحلا يعني ڪلاسن کي قائم ڪرڻ جي اجازت ناهي جنهن به عمارت ۾ نرسري يا ڪنڊر گارٽن جو ادارو قائم ڪيو وڃي ان ۾ شهري دفاع پاران جاري ڪيل شرط ن تي عمل درآمد لاز??ي آهي. شهري دفاع ۽ وزارت بلديات پاران اين او سي حاصل ڪرڻ کانپوءِ وزارت تعليم حتمي لائسنس جاري ڪندي آهي .
سعودي عرب ۾ ڪنڊر گارٽن ۽ نرسري جي لائسنس لاءِ ضابطن جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔