گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور چيو آهي ته ا??را??يل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي. الجزيره موجب سلامتي ڪائونسل جي صدر جي نالي هڪ خط ۾ هن چيو ته سلامتي ڪائونسل طرفان قرارداد نمبر 2720، جنهن ۾ غزه ڏانهن ويندڙ رستو کولڻ ۽ اتي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ جو چيو ويو آهي، کي منظور ٿ??ند?? چار ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ ا??را??يل انهن چئن ڏينهن ۾ نه رڳو غزه ۾ فوجي ڪارروايون جاري رکيون پر انهن ۾ اضافو ڪيو آهي. ا??را??يل پنهنجي هر قول ۽ فعل مان اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته هو آبادڪار، ??وآ??ادياتي قابض، نسل پرست حڪومت ۽ دهشتگرد رياست آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ا??را??يلي ڏوهن جي فهرست ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ان سڀني جي باوجود ڪجهه ملڪ ا??را??يل خلاف ڪنهن به فورم تي ڪارروائي کي روڪڻ جا بهانا بڻائيندا آهن، انهن طرفان عالمي قانونن جي سرعام خلاف ورزين جو جواز پيش ڪندا آهن ۽ ا??را??يل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي جوابدهي کان بچائيندا آهن ۽ ان جي سياسي، عسڪري، مالي ۽ قانوني حمايت جاري رکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ا??را??يل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي ۽ پوري عالمي برادري کي حقارت سان ٺڪرائي رهيو آهي. هن چيو ته ??ڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ ٻي قرارداد کي 14 ڏينهن ٿي چڪا آهن ان جي باوجود ا??را??يل فلسطينين خلاف پنهنجي نسل ڪشي جي جنگ جاري رکي آهي.
اسرائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں