پيرس -28 آگسٽ (اي پي پي) فرانس جي تعليم واري وزير سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو لباس تعليم جي حوالي سان فرانس جي سخت سيڪولر قانونن جي ??ڃڪ??ي آهي. برطانوي نشرياتي اداري مطابق تعليم واري وزير گيبريئل اٽل چيو آهي، ته هاڻي اسڪولن ۾ عبايه پائڻ ??مڪ?? نه هوندو ۽ اهو 4 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ ڪلاسن جي واپسي کان اڳ اسڪولن جي سربراهن کي قومي سطح تي واضح قائدا ڏنا ويندا. واضح رهي ته فرانس 19 صدي جي قانون بعد کان سرڪاري اسڪولن ۾ مذهبي علامت سخت پابندي لڳائي رکي آهي ۽ سرڪاري ادارن م تعليم مان روائتي ڪيٿولڪ اثر رسوخ جي خاتمي ۽ وڌندڙ مسلم اقليت کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙن رهنما ??صولن کي اختيار ڪيو آهي. فرانس 2004ع ۾ اسڪولن ۾ اسڪارف پائڻ تي پابندي لڳائي هئي ۽ 2010ع ۾ عوامي هنڌن تي مڪمل چهري جي نقاب تي پابندي لڳائي هئي جنهن سان اتان جي 50 لک مسلم برادري پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو.
فرانس جي سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania