مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) لکين حج پانڌيئڙن عرفات جي ميدان ۾ حج جو ??ڪن اعظم وقوف عرفه ادا ڪرڻ ۽ مزدلفه ۾ رات گذارڻ کانپوءِ منى پهچي جمرات جي رمي ڪري رهيا آهن. سعودي خابرو اداري موجب سعودي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه موجب هلندڙ سال 2023 (1444 هجري) ۾ 150 کان وڌيڪ ملڪن کان آيل حج پانڌيئڙن جو ??عداد 18 لک 45 هزار رهيو. ان کان اڳ حاجين مسجد نمره ۾ حج جو ??طبو ٻڌو جنهن جو ??رجمو اردو سميت 20 ٻولين ۾ نشر به ڪيو ويو. حاجي سڳورن عرفات جي ميدان ۾ ظهر ۽ عصر جي نماز هڪ اذان 2 اقامت سان قصر ادا ڪئ?? ۽ ??ج لٿي تائين وقوف ڪيو. سج لهندي ئي حاجي سڳورن جا قافلا ميدان عرفان کان مزدلفه طرف روانا ٿيا. حاجي سڳورن مزدلفه ۾ جيڪو ٽيون حج جو مقام آهي، اتي پهچڻ تي مغرب ۽ عشا جي نماز هڪ اذان 2 اقامتن سان ادا ڪئ?? ۽ ??مي لاءِ پٿريون گڏ ڪيون. واضح رهي ته جمرات جي رمي جنهن کي عام ٻولي ۾ شيطان کي پٿريون هڻڻ چيو ويندو آهي، حج جي اهم مناسڪ مان هڪ آهي. حاجي سڳورن جمرات جي رمي ڪرڻ کانپوءِ قرباني، حلق يا تق??ير ( وار ڪٽرائڻ) کانپوءِ احرام کولي ڇڏيندا.
حاجي سڳورن جا قافلا جمرات جي رمي لاءِ مزدلفه کان منى پهچڻ لڳا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی