نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر معيوزو ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل تعاون جي ڪوششن ۾ اضافي جي ضرورت ۽ خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر معيوزو سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻ??هي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهري لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏنو. وزيراعظم مالديپ سان واپار، سياحت، تعليم، سيڙپڪاري ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻ??هي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل تعاون جي ڪوششن ۾ اضافي جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻ??هي اڳواڻن خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي پڻ اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مالديپ جي صدر سان ملاقات، خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری