اسلام آ??اد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ميري ٽائيم آر??نائيزيشن (آءِ ايم او) جو سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگيوز ويلاسڪو 12 کان 14 سيپٽمبر ??ائ??ن پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو آءِ ايم او جي سيڪريٽري جنر?? جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. سيڪريٽري جنرل ويلاسڪو ”انٽرنيشنل ميري ٽائيم سسٽين ايبلٽي ايگزيبيشن اينڊ ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪندو ۽ پاڪستان جي قيادت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. بيان موجب سيڪريٽري جنر?? جو پاڪستان جو دورو آءِ ايم او کي ميري ٽائيم سيڪٽر ۽ بليو اڪانومي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان آءِ ايم او جي باني ميمبر جي طور تي صاف سمنڊن ۾ محفوظ ۽ موثر شپنگ جي آءِ ايم او جي ويزن جي لاءِ پرعزم آهي. بيان موجب پاڪستان آءِ ايم او ??ائ??نسل ۾ 5 ٽرمن ??ائ??ن خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ آءِ ايم او جي مقصدن کي برقرار رکڻ ۾ مسلسل تعاون ڪيو آهي.
انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جو سيڪريٽري جنرل 12 کان 14 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia