ڪراچي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي سا??ونڊي حدن جي دفاع جي لاءِ مضبوط بحريه جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي جيو اڪنامڪ مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه کي مضبوط بڻائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ پي اين ايس بابر ۽ حنين جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پي اين ايس بابر ۽ حنين جي پاڪستان نيوي جي ٻيڙي ۾ شموليت جي آجيان ڪندي چيو ته ٻئي جهاز پاڪ بحريه جون وڌندڙ آپريشنل ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. صدر چيو ته پي اين ايس بابر ۽ حنين جي سا??ونڊي ٻيڙي ۾ شموليت ملڪي سا??ونڊي دفاعي صلاحيتون مضبوط بڻائڻ طرف اهم ڪاميابي آهي، جهاز روايتي ۽ غيرروايتي خطرن جو مقابلو ڪرڻ ۾ بحريه جي آپريشنل تيارين ۾ اضافو ڪندا. آصف علي زرداري چيو ته جهاز ترڪيه سا?? اسان جي مضبوط دوستي، رومانيه ۾ ڊچ ڊيمين شپ يارڊ تي اعتماد جي علامت آهي، جهازن سا?? پاڪ بحريه جي ملڪي سا??ونڊي حدن جي دفاع جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضا??و ٿيندو. هن ميري ٽائيم سيڪيورٽي، علائقائي استحڪام، سا??ونڊي رستن جي حفاظت ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪ بحريه واپار جي مسلسل پهچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪ بحريه ملڪ جي سا??ونڊي حدن جو دفاع ڪري رهي آهي، هن پاڪستان جي خودمختياري، امن، خوشحالي ۽ استحڪام برقرار رکن، ملڪ جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو اسان جي هٿياربند فوج ۽ شهرين جي حوصلي، اتحاد ۽ عزم جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته هٿياربند فوج ۽ شهرين ٻاهرئين جارحيت جي خلاف قوم جو دفاع ڪيو آهي، ملڪ جي دفاع ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن پاڪستان، ترڪيه ۽ ڊچ ڊيمين شپ يارڊ جي ٽيمن جا ٿورا مڃيا. صدر پي اين ايس بابر ۽ حنين جي ڪمانڊنگ آفيسرز ۽ عملي کي خصوصي مبارڪباد ڏني. تقريب کي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته جهازن جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت اهم سنگ ميل آهي. ايڊمرل نويد اشرف چيو ته سا??ونڊي جهاز پاڪستان، ترڪيه ۽ رومانيه جي وچ ۾ گهري دوستي ۽ تعاون جو مظهر آهن. صدر ان موقعي تي سا??ونڊي جهازن جي اسڪرولز ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جي حوالي ڪئي.
پاڪستان جي جيو اڪنامڪ مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه کي مضبوط بڻائڻو پوندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر