اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاسڪو جي نج??اري ج?? حوالي سان حڪمت عملي ج??ڙڻ ۽ ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي ج?? لاءِ موثر قدم کڻڻ، ڪڻ?? واري بورڊ ۾ آبادگارن، لينڊ انفارميشن اينڊ مئ??يجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ پاسڪو بابت اجلاس دوران ڏني. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري ??في??رن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ويٽ (Wheat) ڪڻڪ بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي ج?? لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ ڪڻڪ بابت بورڊ ۾ آبادگارن جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي. هن ويٽ بورڊ ۾ لينڊ انفارميشن اينڊ مئ??يجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ ۽ پاسڪو جي نج??اري ج?? حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت جي ڪڻڪ جي خريداري ج?? حوالي سان متبادل حڪمت عملي ج??ڙي وڃي ۽ ان حوالي سان گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي ويٽ بورڊ جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ٽي او آرز، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار وڌائڻ ۽ پاسڪو ۾ سڌارن جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم پاران پاسڪو جي نجڪاري جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، ڪڻڪ واري بورڊ ۾ آبادگارن، لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری