اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي، فيڊرل بور?? آف روينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي تعليمدان ۽ برطانوي وزيراعظم جي ڊيليوري يونٽ جي اڳوڻي سربراهه سر ما??يڪ?? باربر جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ??لا??ات ڪئي. وفد ۾ برطانوي فارن، ڊيو??پم??نٽ ۽ ڪامن ويلٿ آفيس جي ڊائريڪٽر جوموئير ۽ سينيئر گورننس ايڊوائيزر نويد عزيز ۽ ميٽ ڪلينسي شامل هئا. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ۽ برطانيا جا تاريخي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پ??ڪس??ان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته برطانيا پ??ڪس??ان ۾ مختلف شعبن ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پ??ڪس??ان جو اهم حصيدار آهي، اسان برطانوي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان حڪومت ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، فيڊرل بور?? آف روينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته روانگي واپار ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پ??ڪس??ان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت سان لاڳاپيل برآمدات جي حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت آهي. وفد کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي حوالي سان ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪيو ويو آهي. سر ما??يڪ?? باربر حڪومت جي معاشي بحالي جي پلان کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي حوالي سان صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف جي موثر قيادت ۾ پ??ڪس??ان جلد ئي معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. وفد جي ميمبرن چيو ته برطانيا پ??ڪس??ان کي هر شعبي ۾ ڀرپور مدد ۽ تعاون فراهم ڪندو، پ??ڪس??ان جي ترقي اسان جي ترقي آهي. ??لا??ات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪار?? آفيسر موجود هئا.
حڪومت معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ غيرفعال ادارن کي ختم ڪري، ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر