بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لو زائو هوئي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چين پا??ستان جي منفرد ۽ پائيدار دوستي ۽ گڏيل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل فائدي سان هلندڙ عملي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي جڏهن ته سي آءِ ڊي سي اي پا??ستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۽ صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??ڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چين پا??ستان اقتصادي ل??گهه منصوبن ۽ پا??ستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي آءِ ڊي سي اي جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته لوزائو هوئي توهان پا??ستان ۾ بطور سفير پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان سرانجام ڏنيون. هن چيو ته توهان نه رڳو پا??ستان ۾ چين جا سفير هئا پر توهان پا??ستان ۾ پا??ستان جا بهترين دوست پڻ هئا ۽ اهو جذبو اڃا به قائم آهي. وزيراعظم ۽ سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين چين پا??ستان جي منفرد ۽ پائيدار دوستي ۽ گڏيل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي عملي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي. هن ترقي ۽ سلامتي جي وچ ۾ گڏيل طور تي مضبوط لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ڪئي. چين پا??ستان اقتصادي ل??گهه (سي پيڪ) کي پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط علامت قرار ڏيندي هن چيو ته سي پيڪ تحت سماجي اقتصادي ترقي تي گڏيل ورڪنگ گروپ جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. هن ان اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي طرفن جي عوام جي زندگين ۽ روزگار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي فيز ٽو ۾ تعاون جي اها رفتار برقرار رهندي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جون حڪومتون ۽ عوام قدرتي آفتن ۽ آفتن جي و??ت سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. هن ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا ۽ 2022ع کانپوءِ جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ پوليو ويڪسين جي فراهمي دوران پڻ اسرندڙ ملڪن ۽ خاص طور تي پا??ستان جي مدد ڪرڻ ۾ سي آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين مختلف شعبن ۾ چين پا??ستان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن بنيادي ڍانچي جي ترقي، موسمياتي تبديلي جي ردعمل ۽ انساني وسيلن جي ترقي بشمول بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آءِ) تحت جاري ??نصوبن ۾ ٻطرفي حصيداري کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري ??فاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي واري ??فاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??فاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري ??فاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، نجڪاري ??اري ??فاقي وزير عبدالعليم خان، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار