اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ??ومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، قو??ي سلامتي جي معاملن کي خطن وانگر عام نه ڪرڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنجي سمورن تاثرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان اسٽيٽ جو نمائندو آهي، سندس پاران ان ڪئميره بريفنگ جي پيغام کي حقيقت کان هٽي ڪري ڏٺو ويو، اٽارني جنرل پاران ان ڪئميره بريفنگ جي ريڪوئسٽ قو??ي سلامتي جي ڪري ڪئي وئي هئي، اسان کي قو??ي سلامتي کي سمجهڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنجي سمورن تاثرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، قو??ي سالامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ??ومي سلامتي جي معاملن کي اهڙي طرح خطن جي ذريعي سوشل ميڊيا تي اجاگر نه ڪرڻ گهرجي، ڪو معاملو ڊسڪس ڪرڻو هجي ته چيف جسٽس فل ڪورٽ گهر??ئي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ڇڪتاڻ واري ماحول کي گهٽ ڪري سمورن ادارن کي گڏجي هلڻو پوندو.
قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، قومي سلامتي جي معاملن کي خطن وانگر عام نه ڪرڻ گهرجي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج