اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هالي ووڊ پروڊڪ??ن ٽيم پاران پاڪستاني ثقافت تي انٽرنيشنل فلم جي تياري کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ عظيم ثقافتي ورثو رکندڙ ملڪ آهي، اسان جي تاريخ، ادب، موسيقي ۽ فن سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ قابل تعريف آهي، هالي ووڊ پروڊڪ??ن ٽيم پاران پاڪستاني ثقافت تي فلم دنيا کي پ??ڪستان جي خوبصورتي ڏسڻ جو نئون ??وقعو فراهم ڪندي، پ??ڪستان ۾ فلم واحد صنعت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي. اها ڳالهه هن هالي ووڊ پروڊڪ??ن ٽيم جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستاني ثقافت تي ٻڌل فلم جي تياري سميت ملڪ جي عظيم ثقافتي ورثي ۽ تاريخ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊڪ??ن ٽيم کي ملڪ ۾ فلم جي شعبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته هالي ووڊ پروڊڪ??ن ٽيم جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن پاڪستاني ثقافت تي فلم جي تياري جي چونڊ ڪئي، اهو اسان جي ثقافت ۽ ماڻهن جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ثقافتي ورثو رکندڙ ملڪ آهي، اسان جي تاريخ، ادب، موسيقي ۽ فن سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ قابل تعريف آهي، اسان کي يقين آهي ته هي فلم دنيا کي پ??ڪستان جي خوبصورتي کي ڏسڻ جو نئون ??وقعو فراهم ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊڪ??ن ٽيم کي پ??ڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ فلم واحد صنعت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي، شهباز شريف جي قيادت ۾ گذريل حڪومت جي دور ۾ اسان فلم پاليسي بحال ڪئي، فلم جي شعبي کي انڊسٽري جو درجو ڏنو ته جيئن نوجوانن کي ان شعبي ۾ اچڻ جو موقعو ملي سگهي. هن چيو ته 23 – 2022ع جي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپين جي لاڳت سان فلم فنانس فنڊ قائم ڪيو، فنڪارن جي لاءِ ميڊيڪل انشورنس ۽ فلم انڊسٽري جي لاءِ ٽيڪس مراعتن سان فلم انڊسٽري ۽ ان سان واڳيل شعبن کي فروغ مليو. هن چيو ته 23 – 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم سازن کي 5 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي، نئين سئنيما گهرن، پ??وڊڪشن هائوسز، فلم ميوزيمنز قائم ڪرڻ تي 5 سال جو انڪم ٽيڪس، فلم ۽ ڊرامي جي برآمد تي 10 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي. هن چيو ته مقامي طور تي گڏيل فلم ۽ ڊراما پروجيڪٽس تي غيرملڪي فلم سازن کي پڻ رعايت ڏني وئي آهي، ان جي لاءِ پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو فلم جي شوٽنگ جي شرط لاڳو آهي ته جيئن سياحت ۽ ثقافت سميت ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ملي. هن چيو ته اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پ??ڪستان پنهنجو بيانيو عالمي سطح تي پهچايو. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊڪ??ن ٽيم پاران تيار ڪئي ويندڙ فلم پاڪستاني فلمي صنعت جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي، فلم جي تياري سان سڄي دنيا جي ماڻهن کي پ??ڪستان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ جو موقعو ملندو ۽ ملڪ جو سافٽ اميج اجاگر ٿيندو. ان موقعي تي هالي ووڊ پروڊڪ??ن ٽيم پاڪستان ۾ ميزباني تي پ??ڪستان حڪومت، پ??ڪستان جي عوام ۽ فلمي صنعت جي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو پاڪستان جي دوري مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن، پ??ڪستان جي خوبصورتي، عظيم ثقافتي ورثي ۽ ماڻهن کان تمام گهڻو متاثر آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ فلم سازي جي وڏي صلاحيت موجود آهي، اسان ان صنعت کي وڌيڪ اڳتي وڌڻ ۾ مدد جي لاءِ پرعزم آهيون. وفد ۾ جيمز ايم سي ميلان، اينڊريو جيمز فيرو، ليوسا اسڪن، سعديه اشرف، بدر اڪرم، مشعل ثقافت شامل هئا. واضح رهي ته هالي ووڊ پروڊڪ??ن ٽيم پاڪستاني ثقافت تي انٽرنيشنل فلم جي عڪس بندي جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پاران پاڪستاني ثقافت تي انٽرنيشنل فلم جي تياري خوش آئنده قرار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر