اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئ?? ڇڏي. صدر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري سپريم ڪو??ٽ جي 22.03.2024 جي فيصلي جي روشني ۾ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب رٽائرمينٽ نوٽيفڪيشن جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جي عمر پوري ٿيڻ جي تاريخ 30.06.2024 کان لاڳو هوندو. صدر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 195 تحت ڏني. صدر آصف علي زرداري جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي اسلام آباد هاءِ ڪو??ٽ جي جج جي عهدي تان هٽائڻ جو 11.10.2018 لاء اينڊ جسٽس ڊويزن جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي پڻ منظوري ڏني. جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سفارشن تي، آئين جي آرٽيڪل 209 (6) تحت اسلام آباد هاءِ ڪو??ٽ جي جج جي عهدي تان هٽايو ويو هو. صدر قانون ۽ انصاف واري وزارت جي تجويزن جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني.
صدر پاران جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری