اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ع??لم?? سهڪار، ترقي ۽ ترقي لاءِ توانائي جي حوالي سان ع??لم?? اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي ٻن ڏينهن واري خاص اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن ڇنڇر تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض پهچي ويو. وزيراعظم کي ع??لم?? اقتصادي فورم جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود ۽ ع??لم?? اقتصادي فورم جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلائوس شواب طرفان ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان گذريل ڏينهن جاري هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ??ه وزيراعظم سان وفد ۾ ڪابينه جا اهم ميمبر پڻ شامل هوندا. ان موقعي تي ع??لم?? اڳواڻن سان گڏ ملاقاتن دوران وزيراعظم صحت، مالياتي ٽيڪنالوجيز، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ??امع ترقي، ??لائقائي سهڪار ۽ ع??لم?? ترقي لاءِ توانائي جي متوازن ۽ جٽادار استعمال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف دنيا آڏو رکندو. ع??لم?? اقتصادي فورم جي ان خاص اجلاس جي موقعي تي سندس ع??لم?? اڳواڻن، ع??لم?? ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طرفين ملاقاتن جا به امڪان آهن. ع??لم?? اقتصادي فومر طرفان جاري هڪ پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ??ه ڪاروباري شعبي، ??ڪومت ۽ تعليمي ادرن سان واڳيل اٽڪل هڪ هزار اڳواڻ ع??لم?? سهڪار، اوسر ۽ ترقي بابت توانائي تي خاص اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. 28 کان 29 اپريل تائين منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ تيزي سان بگڙجندڙ جاگرافيائي، ??ياسي ۽ اقتصادي ماحول کي درپيش چئلينجن جي وچ ۾ ع??لم?? سطح تي ترقي جي بحالي لاءِ نون رستن تي ڌيان ڏنو ويندو. واضح رهي ته گذريل سال جنيوا، سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيل افتتاحي گروٿ سمٽ جي بنياد تي هي اجلاس 28-29 اپريل تي رياض، سعودي عرب ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ٽن موصعن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. جن ۾ ع??لم?? سهڪار جي بحالي، ??امع ترقي لاءِ هڪ جامع ۽ ترقي لاءِ توانائي تي عمل کي متحرڪ ڪرڻ شامل هوندو. فورم کان اتر ۽ ڏکڻ جي ورهاست کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي جيڪو اڀرندڙ اقتصادي پاليسين، توانائي جي منتقلي ۽ جاگرافيائي سياسي مسئلن سبب وڌيڪ وسعت اختيار ڪري چڪو اهي. اجلاس جي پروگرام ۾ ڪيترائي ع??لم?? مسئلا به شامل هوندا. ٻن ڏينهن واري خاص اجلاس جي موضوعن ۾ جاگرافيائي سياسي هلچل، خاص طور تي يوڪرين ۽ غزه جا تڪرار شامل آهن. ع??لم?? سطح تي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ اقتصادي ترقي ۽ ملازمتن جي تخليق جي نون قسمن جي وضاحت ۽ ڊيزائن، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ترقي، ??پلاءِ چينز جي نئين سر تنظيم ۽ ه?? منصفاڻو ۽ جٽادار توانائي جي منتقلي کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب روانو
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ