اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران انساني حقن جي حوالي سان تازو ئي جاري ڪيل 2023ع جي ڪنٽري رپ??رٽ کي مُڪمل طور تي رد ڪندي رپ??رٽ جي نقطن کي غيرمنصفاڻو، غلط معلومات تي ٻڌل ۽ زميني حقيقت جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اهڙي قسم جي غيرمطلوب رپ??رٽس جي تياري جي سالياني مشقن ۾ معروضيت جي کوٽ آهي ۽ ان جي طريقيڪار ۾ فطري طور تي خاميون آهن. بيان موجب اهي رپ??رٽون ٻين ملڪن ۾ سياسي طور تي متعصباڻي انداز ۾ انساني حقن جو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ ڊوميسٽڪ سوشل لينز جو استعمال ڪن ٿيون، هن سال جي رپ??رٽ ۾ معروضيت جي کوٽ ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي انساني حقن جي ايجنڊا کي سياسي بڻائڻ نمايان آهي، اهو واضح طور تي ٻٽي معيار کي ظاهر ڪري ٿو اهڙي طرح عالمي انساني حقن جي ڳالهه ٻولهه کي نقصان پهچائي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها ڳالهه انتهائي ڳ??تي جوڳي آهي ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي صورتحال کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ رپ??رٽ ۾ غزه ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي اهم جاين کي نظرانداز يا گهٽ ڪيو ويو آهي. بيان موجب غزه جي ڳ??تي جوڳي صورتحال، انساني امداد کي هٿيار بڻائڻ ۽ 33 هزار کان وڌيڪ شهرين جي قتل عام کي رڳو سياسي طور تي محرڪ رپ??رٽ ئي نظرانداز ڪري سگهي ٿي، غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي آمريڪا جي خاموشي انساني حقن بابت نام نهاد ملڪ جي رپ??رٽن جي پٺيان بيان ڪيل مقصدن جي خلاف آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي آئيني فريم ورڪ ۽ جمهوري اخلاقيات موجب پنهنجي انساني حقن جي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائن، عالمي انساني حقن جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي انساني حقن جي ڳالهه ٻولهه ۾ منصفاڻي ۽ معروضيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي، جيڪڏهن آمريڪا کي ان مشق ۾ شامل ٿيڻ ضروري آهي، ته اسان آمريڪي پرڏيهي کاتي کان اها اميد ڪريون ٿا ته هو ڏکين مسئلن جو جائزو وٺڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ ڏاهپ کان ڪم وٺي، اهڙين رپ??رٽن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ معروضيت، غيرجانبداري ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ان کي سمورين حالتن بابت سچ ڳالهائڻ جي لاءِ گهربل اخلاقي ج??ئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي اهم جاين تي ظلمن جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي انساني حقن جي حوالي سان تازو ئي جاري ڪيل 2023ع جي ڪنٽري رپورٽ مُڪمل طور تي رد
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل